سپڙ سڏ ڪيا

سپڙ سڏ ڪيا

سپڙ سڏ ڪيا

سپڙ سڏ ڪيا (ڪتاب): هي ڪتاب ’اولڊ بوائز ايسوسيئيشن‘ ڀٽ ڀائٽي، تعلقي کپري، ضلعي سانگھڙ مان محمد ابراهيم ڪنڀار 1985ع ۾ ترتيب ڏئي ڇپايو. هن ڪتاب ۾ تاريخي ۽ تحقيقي مضمون، مقالا، ڪهاڻيون، شاعري ۽ تاثر شامل آهن.ڪتاب جي ليکڪن ۾ محمد ابراهيم ڪنڀار، حاجي مير محمد سمو، محمد امين سمو، محراب خان سمو، ڊاڪٽر مير عالم مري، محمد صالح هڱورجو، ڊاڪٽر سکرالدين درس، ڊاڪٽر محمد رمضان درس، محمد يوسف درس، محمد سومار درس، هيبت خان مري، عطا محمد حامي، خليفو درس، محمد امين پلي سگهه، درس عبدالڪريم پلي ’العبد راهي‘ ۽ خدا بخش درس ’قاضي‘ جا نالا قابلِ ذڪر آهن. ڊيمي سائيز جي 76 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 6 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو